ڀاڳلو ولي

ڀاڳلو ولي: تعلقي عمرڪوٽ جي ديهه ”ٻھڙائي ٿر“ ۾ ’پيرن جي ترائيءَ‘ کان مٿئين پاسي ڀٽن ۾ آڳاٽي دور جو هڪ بزرگ آرامي آھي، جيڪو ڀاڳلي وليءَ (درويش) جي نالي سان مشھور آھي. آسپاس جا چارڻ ۽ ٻيون ذاتيون ھن درويش جون بيحد معتقد آھن، ھن جون ڪرامتون علائقي جي ماڻهن ۾ مشهور آهن. جن تي ويساهه وسوڙا ماڻهو اعتماد ڪندا آهن. بزرگ جي اصليت بابت وڌيڪ ڄاڻ نه ٿي ملي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو